پاڪ فوج سرحدي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊرون ڪيرائي وڌو

راولپنڊي : پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊرون ڪيرائي وڌو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي جاسوس ڊرون ايل او سي جي پانڊو سيڪٽر ۾ ڪيرايو ويو، اهي ڊرون ايل او سي جي ڀڃڪڙي ڪندي 200 ميٽرن تائين پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿي ويو هو.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته هلندڙ سال سرحدي ڀڃڪڙي تي پاڪ فوج طرفان نشانو بڻجندڙ اهو ڏهون ڊرون آهي.