سنڌ ۾ ڪورنا سبب وڌيڪ 14 ڄڻا فوت ، جنهن بعد فوتين جو انگ 2110 ٿي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورنا سبب وڌيڪ 14 ڄنا فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 2110 ٿي ويو. 917 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي ۾ ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ هڪ لک 16 هزار 800 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا ڪيسن جا نوان انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 11199 مریض علاج هيٺ آهن جن مان 10445 گھرن ۽ 59 سرڪاري مرڪزن ۾ آهن. هن چيو ته هن وقت 428 مریضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته 67 مریض وینٽي ليٽرز تي آهن. وڏي وزير موجب اڄ وڌيڪ 4089 مریض صحتیاب ٿي ويا، جنهن بعد صحتیاب ٿيندڙ مريضن جو انگ 103491 ٿي چڪو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچی ۾ 917 نوان ڪيس سامهون آيا، حیدرآباد 50، گھوٽڪی 31،سکر 25، خیرپور 24، ٺٽي مان 20 کیس رپورٽ ٿيا.