سنڌ حڪومت پاران مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان کي ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي سوشل ميڊيا ۾ سخت رد عمل

ڪراچي :سنڌ حڪومت پاران خيبر پختونخواهه جي پراونشل مينيجمينٽ سروس جي گريڊ 19هين جي آفيسر ضياءُ الرحمان کي ڪراچي سينٽرل ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي سوشل ميڊيا ۾ سخت رد عمل جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته چيف سيڪريٽري پاران گذريل ڏينهن فرحان غني کي هٽائي سندس جاءِ تي جي يو آءِ ف جي ننڍي ڀاءُ ضياءُ الرحمان کي ڊي سي طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو. اهڙي فيصلي تي سنڌ حڪومت مٿان سوشل ميڊيا ۾ سخت تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته اهو عمل سنڌ جي آفيسرن ۾ بددلي ۽ احساس محرومي ڦهلائڻ ۽ کين ميرٽ کان محروم ڪرڻ جي برابر آهي. حڪومت کان فوري طور اهڙو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.