سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪي اليڪٽرڪ کي ڪُنڊا هٽائڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ کي ڪُنڍا هٽائڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏنل علائقن ۾ بجلي بندش خلاف دخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت ڪي اليڪٽرڪ ۽ وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ تي هرڪو آڱر کڻي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ته اداري جو لائسنس معطل ڪرڻ گهرجي، ٻڌايو وڃي ته بجلي چورن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ خبر آهي ته ڪي اليڪٽرڪ وارا رڳو پئسا ٺاهي رهيا آهن.