سنڌ پوليس ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 108 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سنڌ پوليس ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 108 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن ، متاثر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جو انگ 2951 ٿي ويو آهي ، سنڌ پوليس جي ترجمان موجب هن وقت 1415 اهلڪار علاج هيٺ آهن، 1520 صحتياب ٿي ويا.، سنڌ پوليس جي ترجمان موجب پوليس ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌيڪ اچڻ کانپوءِ احتياط ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس نه ٿي سگهن