وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي سڏائي ورتو، جنهن ۾ اي سي سي جي فيصلن جي منظوري سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪابينا اجلاس جي 9 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪرونا صورتحال سميت 9 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته خاص معاونن ۽ صلاحڪارن جي ٻٽي شهريت واري معاملي تي به غور جو امڪان آهي. نيشنل ايمرجنسي ريسپانس ايڪٽ 2020 جي منظوري ۽ مني لانڊرنگ قانون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ ڪرڻ لاءِ نارڪوٽڪس سبٽينس ايڪٽ 1997 ۾ ترميم به ايجنڊا جو حصو آهن. وفاقي ڪابينا پاران اقتصادي رابطه ڪميٽي جي 16 جولاءِ وارن فيصلن جي منظوري پڻ ڏني ويندي………