سنڌ حڪومت پيٽرول پمپ 24 ڪلاڪ کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي :سنڌ حڪومت پيٽرول پمپس 24 ڪلاڪ کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته چوماسي جي برساتن دوران گاڏين ۽ جنريٽرز سوڌو ٻين ڪمن لاءِ پيٽرول حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول پمپس 24 ڪلاڪ کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اڄ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.