پاڪستان انهن خوش نصيب ملڪن مان آهي جتي ڪورونا ڪيسن جو انگ گهٽ آهي:وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان انهن خوش نصيب ملڪن مان آهي جتي ڪورونا جا ڪيس گهٽ ٿيا آهن.

سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي ٽوئيٽ ڪندي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان انهن خوش نصيب ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڪووڊ 19 ڪيس گهٽ ٿيا، بدقسمتيءَ سان پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪيس وڌيا آهن.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان وٽ اسپتالن ۾ ڪيس ۽ ڊيٿ ريٽ به گهٽ ٿيا آهن، اهو سڀ سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز جي ڪري ممڪن ٿيو، هن عوام کي اپيل ڪئي ته ايس او پيز تي عمل جاري رکيو وڃي ۽ عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي وڃي،

گذريل عيد وانگي ايس او پيز جي خلاف ورزي نه ڪيو، انتظاميا ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرائي.