اداڪارا سارا خان ڳائڻي فلڪ شبير سان مڱڻو ڪري ڇڏيو

ڪراچي : اداڪارا سارا خان ڳائڻي فلڪ شبير سان مڱڻو ڪري ڇڏيو. فلڪ شبير پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اداڪارا سارا خان سان مڱڻي تقريب جون تصويرون ۽ ويڊيون جاري ڪيون آهن، جڏهن ته سارا خان به پنهنجي خوبصورت تصوير جاري ڪندي لکيو آهي ته ”مان ها ڪري ڇڏي آهي“. پاپ سنگر فلڪ شبير جو شمار پاڪستان جي ناليوارن گلوڪارن ۾ ٿيندو آهي، جڏهن ته سارا خان به ڊراما انڊسٽري جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي. سوشل ميڊيا تي سارا خان ۽ فلڪ شبير جي مڱڻي جون تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن طرفان ٻنهي کي مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.