عمران خان اڃان تائين منهنجو هڪ به چيلنج قبول ناهي ڪيو: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي(پ پ پ) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان اڃان تائين منهنجي هڪ به  چيلنج کي قبول ناهي ڪيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ناڪامين تي مون هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي جنهن ۾ ڪشمير جو مسئلو، معيشت ۽ ڪورونا وائرس جي حوالي سان حڪومت جي نااهلين ۽ تحريڪ انصاف جي ڪرپشن جي معاملي کي اجاگر ڪيو.

هن چيو ته مون عمران خان کي پهريون چلينج اهو ڪيو هو ته هو قومي اسيمبلي يا ٽي وي تي مناظرو ڪري. ٻيو چيلينج اهو ڪيو هو ته هو اين آءِ سي وي ڊي جهڙو ڪوبه هڪ اسپتال پوري پاڪستان ۾ ڏيکاري.

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته منهنجو ٽيون چيلنج اهو هو ته مان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ في  ماڻهو ٽيسٽنگ جي ڀيٽ سنڌ سان ڪرائي. پر عمران خان اڃان تائين منهنجي هڪ به چيلنج کي قبول ناهي ڪيو