ماڊل ايان علي شوبز ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ضمانت تي آزادي ماڻيندڙ پاڪستان جي ماڊل ۽ گلوڪاره ايان علي شوبز ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر تي ماڊل ايان علي لکيو آهي ته پراڻي ليمبرگيني ۾ ويهي پنهنجا 7 نوان گيت ٻڌڻ ۽ گهمڻ جو وقت شروع ٿيڻ وارو آهي. ايان علي وڌيڪ لکيو آهي ته مون کي يقين آهي ته هي گيت مداحن کي تمام گهڻو پسند ايندا. ماڊل ۽ گلوڪاره ايان علي ٻڌايو ته سمورا نوان گيت هڪ يا ٻن هفتن ۾ رليز ڪيا ويندا.واضح رهي ته ماڊل ايان علي کي 14 مارچ 2015 تي اسلام آباد مان دبئي ويندي بينظير ڀٽو ايئرپورت تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان وٽان 5 لک ڊالرز هٿ آيا هئا. جنهن کان پوءِ ماڊل جي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن تي کيس جيل ۾ وڃڻو پيو.جڏهن ته ان جو نالو اي سي ايل ۾ به وڌو ويو. پر ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ کان پوءِ هو پرڏيهه هلي وئي هئي