لنڊن ۾ ڪرين رهائشي عمارتن تي ڪري پئي، عورت مارجي وئي ، 4 زخمي

لنڊن: لنڊن ۾ رهائشي عمارتن تي هڪ ڳري ڪرين ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ۽ چار زخمي ٿي پيا.
ايسٽ لنڊن جي علائقي ۾ هڪ تعمير هيٺ فليٽس ۽ ڀرپاسي جي گهر جي ڀتين تي ڪرين ڪري پئي ، جنهن ڪري ٻن گهرن جي ڇتين کي نقصان پهتو. زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
موقعي تي موجود ڪيترن ئي ماڻهن بچاءُ جي عمل ۾ حصو ورتو ، فائر برگيڊ اسسٽنٽ ڪمشنر گراہم ايلس چيو ته اختيارين حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاء جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي