دنيا ۾ قاتل ڪورونا وڌيڪ 3100 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

 دنيا ۾ قاتل ڪورونا وڌيڪ 31 سئو انساني جانيون ڳڙڪائي ويو، هڪ ڏينهن دوران ڏيڍ لک کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي هڪ ڪروڙ 17 لک 4 هزار ٿي ويو آهي. برازيل ۾ 18 هزار 699 نوان ڪيس رپورٽ ۽ 587 ماڻهو فوت ٿي ويا،ڀارت ۾ هڪ ڏينهن دوران 474 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته 22 هزار 510 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 7 لک 20 هزار 346 ٿي ويو آهي. ميڪسيڪو ۾ 273 ڄڻا فوت ٿيا ۽ 4 هزار 683 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن بعد مريضن جو انگ 2 لک 56 هزار 848 تائين پهچي ويو آهي. ڪورونا وگهي وڌيڪ 258 آمريڪي شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته مريضن جو انگ 30 لک 24 هزار کان وڌيڪ آهي. ايران ۾ 160 فوتگيون ۽ 2 هزار 613 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، روس ۾ 135، ڏکڻ آفريڪا ۾ 111، سعودي عرب ۾ 52 ۽ بنگلاديش ۾ 44 ماڻهو فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب هيل تائين فوتين جو انگ 5 لک 39 هزار 541 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 66 لک 16 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.