ايس او پيز تي عمل ٿيندو ته ڪاروبار به هلندو ۽ ماڻهو به صحتمند رهندا: اسد عمر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي،وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽرن جي مشوري ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ايس او پيز تي عمل ٿيندو ته ڪاروباري به هلندو ۽ ماڻهو به صحتمند رهندا. اسد عمر چيو ته عوام ڏکين حالتن ۾ ملڪ لاءِ جذبي سان ڪم ڪيو،صحت جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ جديد سهولتن تي ٻڌل اسپتال تيار ٿي وئي آهي،جيڪا جلد ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندي. اسد عمر چيو ته طبي عملي قومي جذبي تحت ڪرونا جو مقابلو ڪيو..