ويڊيو اسڪينڊل: نواز شريف کي سزا ٻڌائيندڙ جج ارشد ملڪ برطرف

لاهور: لاهور هاءَ ڪورٽ جي چيف جسٽس ويڊيو اسڪينڊل ۾ ملوث احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ کي ان جي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ انتظامي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو ، اجلاس ۾ 7 سينئر ججن شرڪت ڪئي ، جن ۾ جسٽس محمد امير ڀٽي ، جسٽس شهزادواحمد خان، جسٽس عائشا ملڪ ، جسٽس شاهد وحيد۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل هئا

انتظامي ڪاميٽي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ کي سندس نوڪري کان برطرف ڪري ڇڏيو