سنڌ پوليس جا 2 آفيسر وبا کان زندگي جي جنگ هارائي ويٺا

ڪراچي : ڪرونا وائرس سان فرنٽ لائين تي وڙهندڙ سنڌ پوليس جا 2 آفيسر وبا کان زندگي جي جنگ هارائي ويٺا، ايس پي ملير شڪيل ۽ ڊي ايس پي احمد نواز ڪرونا وگهي فوت ٿي ويا.ملير ضلعي جي ايس پي ڪمپلين شڪيل احمد ڪرونا سبب سول اسپتال ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ايس پي شڪيل احمد جي 17 جون تي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽوِ آئي هئي، جنهن بعد کيس ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو هو.ڊي ايس پي احمد نواز سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر هو، طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي دم ڏئي ڇڏيو.