ملڪ ۾ پب جي گيم تي عارضي پابندي لاڳو

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ( پي ٽي اي) سڄي ملڪ ۾ موبائل فون تي کيڏجندڙگيم پب جي تي عارضي طور تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته پب جي گيم جي سروس پاڪستان ۾ عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي . پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ هو ته گيم تي مڪمل پابندي جو حتمي فيصلو صلاح مشوري کان پوءِ ڪيو ويندو