پاڪستان ۾ دهشتگردي ڀارت پيو ڪرائي: شاهه محمود قريشي

ملتان؛ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت اندرين ڏڦيڙ تان هٽائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي ۽ بلوچستان صوبي ۾ مسلسل مداخلت ڪري رهيو آهي.پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن آمريڪي خاص نمائندي کي ڀارتي عزمن کان آگاهه ڪيو آهي ته ڀارت مسلسل ڪوشش ڪندي و پيو اچي ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام ٿئي.پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت، پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ مسلسل مداخلت ڪري رهيو آهي ۽ افغانستان ۾ امن جي قيام جي ڪوششن کي به متاثر ڪري رهيو آهي.هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن ماڻهن کي يرغمال پئي بڻائڻ چاهيو پر پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.سندس چوڻ هو ته ڀارتي اندرين ڏڦيڙ تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي ۽ دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ دهشتگردي جا واقعا چاهي ٿو.شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير تان عالمي ڌيان هٽائڻ تي ڀارت پلواما جو ڊرامو رچايو.