بلوچستان ۾ به سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 جولاءِ تائين واڌ

ڪوئيٽا :بلوچستان حڪومت به ڪورونا وائرس سبب صوبي ۾ جاري سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. بلوچستان جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ سمورن شاپنگ مالز، مارڪيٽن، دڪانن، گودامن، آٽو ريپيئر شاپس ۽ هيئر ڪٽنگ سيلونز کي ڇنڇر کان خميس تائين تائين صبح 9 وڳي کان شام 7 وڳي تائين کولڻ جي اجازت برقرار رهندي، جڏهن ته جمعي ڏينهن سمورا ڪاروبار بند رهندا.پڌرائيءَ موجب تندور، ڊيري پراڊڪٽس شاپس، ميڊيڪل اسٽورز، بلڊ بئنڪ ۽ ٽيلر شاپس کي 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته ريسٽورنٽس ۽ هوٽلز کي رڳو هوم ڊليوري ۽ ٽيڪ اوي سروس لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جي اجازت هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ تعليمي ادارا 15 جولاءِ تائين بند رهندا، جڏهن ته سئنيمائون، فارم هائوسز، شادي هال ۽ پڪنگ پوائنٽس به جيئن جو تيئن بند رهنديون.

پڌرائيءَ موجب صوبي ۾ 10 يا ان کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ، ڌرڻي، ريلي، جلوسن، ٻيلهه سواري، سماجي، سياسي، مذهبي ميڙاڪن تي به پابندي برقرار رهندي.