سنڌ ۾ وڌيڪ 34 مريض ڪورونا وائرس سبب فوت

ڪراچي :سنڌ ۾ وڌيڪ 34 مريض ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا، سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 2655 ڪيس سامهون آيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جاري بيان ۾ چيو آهي ته 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 34 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ هيل تائين 84 هزار 656 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن، سنڌ ۾ هيل تائين 1377 ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ماڻهو احتياط نه پيا ڪن، معاملو سنگين ٿيندو پيو وڃي.