ملتان/لاهور/سکر: درياءِ چناب ۽ درياءِ ستلج ۾ اونهي درجي جي سيلاب سبب جلال پور پيروالا جي وسندين ۾ پاڻي داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، ضلعي انتظاميا ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ مسجدن مان به اعلانون ڪيون پيون وڃن.
سيلابي صورتحال سبب ريسڪيو 1122 جون وڌيڪ ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اڳ ۾ موجود ورڪرز ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ساڳئي علائقي ۾ ٻيڙي اوندهه سبب اونهي وهڪري ۾ الٽي پئي هئي جنهن ۾ عورت سميت 4 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا هئا.
ڀارت ستلج درياهه ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏيو آهي جنهن سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ سيلابي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. ڀارتي هاءِ ڪميشن پاڪستان کي هريڪي ۽ فيروزپور جي مقام تي اونهي سيلاب بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي. وزارت آبي وسيلن سڀني لاڳاپيل ادارن کي هنگامي الرٽ جاري ڪيو آهي.
پنجاب ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) چيو آهي ته ستلج ۾ هريڪي ۽ فيروزپور تي اونهي طغياني ذيلي ضلعن کي متاثر ڪندي. پي ڊي ايم اي ضلعي انتظاميا کي ارلي وارننگ سسٽم فعال ڪرڻ، حفاظتي بند مضبوط ڪرڻ، ريسڪيو ٽيمون ۽ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.
پي ڊي ايم اي جي ڊي جي عرفان علي کاٺيا موجب پنجاب جي 25 ضلعن جا 4 هزار کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن ۽ آبادي 41 لک کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي. 56 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، 425 ڪيمپون ۽ 500 ميڊيڪل سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتان 1.75 لک ماڻهن جو علاج ٿي چڪو آهي. 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو ۽ 15 لک کان وڌيڪ ڍور ڪٽنب محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن.
ڊپٽي ڪمشنر ملتان موجب هيڊ تريمون کان ايندڙ وهڪرو ايندڙ 36 ڪلاڪن ۾ ملتان پهچندو، جڏهن ته پنجند تي پاڻي جي سطح ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ 6.50 لک ڪيوسڪ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. اهو پاڻي اڳتي سنڌو ۾ شامل ٿيندو ۽ پوءِ سنڌ جي طرف وڌندو.
آبپاشي کاتي موجب گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح تيزي سان وڌي رهي آهي، ڪيترائي ڪچا ڳوٺ اڳ ئي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. 61 هزار ماڻهو ۽ 2.5 لک ڍور محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا آهن. سکر، گھوٽڪي، ڪشمور، ٺٽو ۽ سجاول ۾ حفاظتي بند مضبوط ڪرڻ ۽ ريسڪيو ڪيمپون قائم ڪرڻ جو عمل جاري آهي.
صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي سامان ۽ جديد ڊيوارٽر پمپ موڪليا ويا آهن، جڏهن ته هر ضلعي ۾ صورتحال مانيٽر ڪئي پئي وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر سيالڪوٽ اعلان ڪيو آهي ته سيلابي پاڻي سبب 8 کان 10 سيپٽمبر تائين 80 کان وڌيڪ اسڪول بند رهندا. والدين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته تعاون ڪن، ڇو ته ٻارن جي سلامتي پهرين ترجيح آهي.