ڪراچي ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي آفيس ۾ دستي بمن سان حملو ۽ فائرنگ , 5 ڄڻا شهيد ، 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي :ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي آفيس ۾ دستي بمن سان حملو ۽ فائرنگ جي نتيجي سيڪيورٽي گارڊز سوڌو 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، اسٽاڪ ايڪسچينج جي گارڊ ۽ پوليس اهلڪار سوڌو 7 زخمي ٿي پيا، پوليس چيو آهي ته چئن هٿياربندن اسٽاڪ ايڪسچينج ٻاهران پهرين دستي بمن سان حملو ڪيو ۽ بعد ۾ فائرنگ ڪئي، دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ 4 اسٽاڪ ايڪسچينج جا گارڊ شهيد ٿي ويا آهن، سيڪيورٽي گارڊز ۽ پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 هٿياربند پڻ مارجي ويا، پوليس اهلڪار سوڌو 7 زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ شهري به شامل آهن ۽ هڪ اهلڪار به زخمي ٿي پيو، واقعي واري هنڌ امدادي ٽيمون، پوليس ۽ رينجرز پهچي وئي، رينجرز جو چوڻ آهي ته علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، واقعي واري هنڌ کي ڪليئر ڪرايو ويو آهي.