صدر آصف زرداري سان چيني سفير جي ملاقات، خطي ۾ امن لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جو ارادو

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري سان چيني سفير اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي ۾ امن جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب چيني سفير جيانگ زائي دونگ ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي تعاون تي ڳالهيون ڪيون ويون

ملاقات ۾ ڳالهيون ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، معيشت، ثقافت ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ جا وڏا موقعا موجود آهن.

هن چيو ته خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پاڪستاني عوام پنهنجي ڀاءُ چين جي مستقل حمايت تي ٿورائتو آهي، چين پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.

انهي موقعي تي چيني سفير صدر آصف زرداري جي ايندڙ سالگره تي صدر شي جن پنگ طرفان دلي نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو.

Meeting of President Asif Zardari with the Chinese Ambassador