اڄ کان مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ ٿيندي ، ريلوي ترجمان

لاهور: ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ، پاڪستان ريلوي اڄ کان مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 2 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي.ريلوي ترجمان موجب، ٽرين جي ڀاڙن ۾ واڌ اڄ کان لاڳو ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف، ٽرانسپورٽ تنظيمن انٽر سٽي روٽ بسن جي ڀاڙن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، جڏهن ته سامان ٽرانسپورٽرن ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جي مطابق ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن جي صدر ملڪ نديم حسين جيو نيوز کي ٻڌايو ته ڊيزل جي قيمتن جي حوالي سان، انٽر سٽي روٽس تي 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.

Passenger train fares will increase today