پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي تازي اضافي کان پوءِ پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽز ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

صدر پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن نبيل محمود طارق چيو آهي ته لاهور کان ڪراچي جو ڀاڙو هڪ لک مان وڌائي هڪ لک 20 هزار ٿي ويو. جڏهن ته لاهور کان پشاور جو ڀاڙو 80 مان وڌائي 96 هزار ڪيو ويو آهي.

انهي کان علاوه لاهور کان راولپنڊي جو ڀاڙو 60 هزار مان وڌائي 72 هزار ڪيو ويو، لاهور کان ڪوئٽه جو ڀاڙو هڪ لک 20 هزار مان وڌائي هڪ لک 44 هزار ڪيو ويو آهي.

ڪراچي کان لاهور جو ڀاڙو 3 لک مان وڌائي 3 لک 50 هزار ڪيو ويو جڏهن ته ڪراچي کان پشاور جو ڀاڙو ساڍا 4 لک مان وڌائي پنج لک پنجاهه هزار ڪيو ويو آهي. ڪراچي کان راولپنڊي جو ڀاڙو 4 لک مان وڌائي 5 لک ڪيو ويو آهي.

صدر پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن موجب مسلسل ٽيون ڀيرو ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو، مجبور ٿي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. هاءِ ويز تي نوان ٽول پلازه بنجڻ سان خرچن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.