غلط فهمي جي بنياد تي پابندي لڳي، ڀيڻ ڪينسر جي مريض آهي، ويزا ڏني وڃي: ميرا جي برطانيه کي اپيل

لاهور: پاڪستاني اداڪاره ميرا برطانوي حڪومت ۽ خاص طور تي  پاڪستان ۾ مقرر برطاني هاءِ ڪمشنر کي اپيل ڪئي آهي ته منهنجو ڪيس ميرٽ جي بنياد تي ڏسي مون کي ويزا جاري ڪيو وڃي، منهنجي ڀيڻ ڪينسر جي مريض آهي جيڪا برطانيه ۾ ترسيل آهي، منهنجي مٿان غلط فهمي جي بنياد تي پابندي لڳائي وئي آهي.

اداڪاره ميرا پنهنجي وڊيو پيغام ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن کي اپيل ڪئي آهي ته اهو منهنجي درخواست تي غور ڪري، هن چيو ته مون سمورا گهربل دستاويزات پاڪستان ۾ هاءِ ڪميشن ۽ لنڊن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. هن چيو ته منهنجو ڪيس غلط فهمي ۽ ڳالهين کي نه سمجهي سگهڻ جي ڪري خراب ٿيو، منهنجي مٿان غلط فهمي جي بنياد تي برطانيه ۾ داخل ٿيل تي پابندي لڳائي وئي.

اداڪاره ميرا موجب منهنجي ڀيڻ ۽ خاندان برطانيه ۾ رهائش پذير آهي، منهنجي ڀيڻ ڪينسر جي مريض آهي، ڀيڻ جي 2 سالن جي ننڍي ڌيءَ آهي، جنهن جي  سار سنڀال ضروري آهي، انهي لاءِ منهنجي درخواست تي غور ڪري ويزا جاري ڪيو وڃي. اداڪاره چيو ته مان ڪيترن سالن کان برطانيه جي ويزا لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهيان، مون ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون پر ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي.

هن برطانوي هاءِ ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي درخواست ڪئي ته ميرٽ جي بنياد تي منهنجي درخواست تي غور ڪري ويزا جاري ڪيو وڃي. ميرا طرفان تازو اپيل کان اڳ فيبروري 2025 ۾ اداڪاره جي والده ۽ برطانيه ۾ ترسيل ميرا جي ڀيڻ ٻڌايو ته غلط انگريزي ڳالهائڻ تي ميرا تي برطانيه ۾ داخلا تي پابندي لڳي. ميرا تي 10 سالن تائين برطانيه ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳي هئي جيڪا هاڻ ختم ٿي. جڏهن ته هاڻ ميرا جي وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏيڻ جي باوجود مون کي برطانيه جو ويزا نه پيو ڏنو وڃي. هن برطانوي حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته مون کي ويزا جاري ڪيو وڃي.

Banned based on misunderstandingsister is cancer patient