سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڏينهن جي دوري تي حيدرآباد پهچي ويو

حيدرآباد سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه ھڪ ڏينھن جي دوري تي حيدرآباد پھتو، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ آبپاشي وزير ڄام خان شورو وڏي وزير سان گڏ ھئا، صوبائي صلاحڪار عبدالجبار خان ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو وڏي وزير جو آڌر ڀاء ڪيو، بعد ۾ وڏي وزير حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن، تلسي داس پمپنگ اسٽيشن، لطيف آباد، مڪي شاھ روڊ، فتح چوڪ، قاضي قيوم روڊ ۽ قاسم آباد ۾ برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي بيٺل ھجڻ واري صورتحال جو جائزو ورتو.

دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد وڏي وزير کي حيدرآباد ۾ برسات ۽ ان کان پوء واري صورتحال بات بريفنگ ڏني، ان کان پوء وڏي وزير ميئر حيدرآباد سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آئون برسات کانپوء واري صورتحال ڏسڻ لاء حيدرآباد پھتو آھيان، ضلعي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراھيان ٿو جنھن شھر مان ڏھ ڪلاڪن اندر 107 ملي ميٽر برسات جو پاڻي نيڪال ڪري ڏيکاريو، مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته حيدرآباد سنڌ جو ٻيو وڏو شھر آھي، حيدرآباد جي شھرين پاڪستان پيپلز پارٽي تي ڀروسو ڪيو آھي.

وڏي وزير چيو ته حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي ميئر جي اچڻ سان شھرين جي ڀرپور انداز ۾ خدمت ڪري رھيا آھيون، وسيلن ۾ ڪمي ضرور ھوندي پر حيدرآباد شھر پيپلز پارٽي قيادت ۽ حڪومت جي اولين  ترجيح آھي، آٽو ڀان روڊ تان 8 ماڙ عمارتن جون حددخليون هٽائي ڇڏيون آهن، انھن عمارتن جي منظوري ان دور ۾ ڏني وئي جڏھن بهون ڪير ھوندو ھو ، ھن وقت به ٽي علائقا اھڙا آھن جن ۾ ساڳيون حالتون آھن، جتي حددخليون اڃان تائين ناهن هٽايون ويون. ھن شھر کي خراب ڪرڻ ۾ ڪنھن جو حصو آھي سڀني کي خبر آھي، شھرين پاڪستان پيپلز پارٽي تي ڀروسو ڪيو آھي حيدرآباد ۾ ھاڻي واضح فرق نظر ايندو.