بيجنگ: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني وزيراعظم شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي آهي.
شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ٿي. اسحاق ڊار گريٽ هال آف دي پيپل ۾ ايس سي او پرڏيهي وزيرن سان گڏ چيني صدر سان ملاقات ڪئي جنهن دوران صدر شي جن پنگ ايس سي او جي تحت علاقائي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.
انهي کان علاوه پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان به ملاقات ٿي جنهن جي دوران ٻطرفن لاڳاپن جي تسلسل ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو ارادو ڪيو ويو.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اجلاس جي سائيڊ لائن تي اسحاق ڊار جي ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون به ٿينديون. ٻئي طرف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن جي ڪونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ بيجنگ کان تيانجن پهچي ويو آهي.