ڪراچي: سنڌ حڪومت گاڏين جي ڪمپيوٽرائيزڊ نمبر پليٽون ٺهرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي ايڪسائيز کاتي واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاوله نمبر پليٽون ٺهرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪندي انهي کي 14 آگسٽ تائين ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته 14 آگسٽ تائين پراڻين نمبر پليٽن سبب ڪوبه چالان نه ٿيندو.
هن چيو ته صوبي جي عوام 14 آگسٽ کان پهريان سموريون گاڏيون پنهنجي نالي تي ٽرانسفر ڪرائي وٺن ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ نمبر پليٽون حاصل ڪري وٺن.
صوبائي وزير چيو ته اوپن ليٽرز تي موٽر سائيڪلون رکڻ هڪ ڏوهه آهي، هينئر تائين 12 لک موٽر سائيڪلن سميت 20 لک گاڏين جون نيون نمبر پليٽون جاري ڪيون ويون آهن.