تهران : وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ ايراني صدر مسعود پيشڪشيان سان ملاقات ڪئي.پاڪستاني وفد سان ڳالهه ٻولهه ۾ ايراني صدر چيو ته صيهوني حڪومت مسلمانن جي صفن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.هن چيو ته اسلامي دنيا کي اتحاد ۽ يڪجهتي سان صيهوني حڪومت جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.ايراني صدر 12 ڏينهن جي جنگ ۾ ايران جي حمايت ڪرڻ تي پاڪستاني حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو.ان موقعي تي، گهرو وزير محسن نقوي ايراني عوام کي صيهوني جارحيت خلاف تاريخي فتح تي مبارڪباد ڏني.