حڪومتي موقف رد،کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ڇوٽ تي خدشا برقرار

اسلام آباد: بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ تي خدشا ظاهر ڪيا آهن.ذريعن موجب، آءِ ايم ايف تحفظات جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اهڙا قدم 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا. حڪومت آءِ ايم ايف جي ان خدشن تي موقف اختيار ڪيو ته کنڊ فوڊ ايمرجنسي تحت درآمد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته، آءِ ايم ايف حڪومت جي وضاحت کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته کنڊ جي درآمد تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ آءِ ايم ايف معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي تحفظات کان پوءِ، حڪومت کنڊ جي درآمد تي ڏنل ٽيڪس ۾ ڇوٽ واپس وٺڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ کنڊ جي درآمد تي فيصلو مڪمل طور تي منسوخ ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، ڪابينا وزارت خزاني جي راءِ کان سواءِ درآمد جي منظوري ڏني هئي، جڏهن ته، هاڻي خانگي شعبي کي ڏنل ٽيڪس ۾ ڇوٽ واپس وٺڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.

Rejection of the government's position