ٽرانسپورٽرن سموري ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ملڪ جي ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن واپاري برادري جو ساٿ ڏيندي سموري ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي گڊز ڪيريئر ايسوسيئيشن جي سربراهه ملڪ شير خان اعلان ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽ برادي واپارين سان گڏ آهي، 19 جولاءِ تي ملڪ ۾ ڪٿي به ڪابه سپلاءِ يا ڪابه گاڏي نه هلندي، جيڪڏهن واپاري هڙتال کي ڊگهو ڪرڻ جو چوندا ته اسان انهي لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته سمورا ٽرانسپورٽرز 19 جولاءِ تي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي هڙتال ۾ شريڪ ٿيندا جيستائين ڪراچي چيمبر جا مطالبا پورا نه ٿيندا ڦيٿا روڪ هڙتال ٿيندي ۽ سموري ملڪ ۾ گڊز ٽرانسپورٽ بند رهندي. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ سموري ملڪ جي ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي صدر چيمبر جي صدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي. فنانس بل ۾ سيلز ايڪٽ جي شقن 37 اي ۽ بي جي خلاف هڙتال بابت ٽرانسپورٽرز ڪراچي چيمبر جي حمايت ڪئي. صدر ڪراچي چيمبر جاويد بلوائي چيو ته ناڻي وارو وزير فوري طور تي اسان جي پنج مطالبن کي عارضي طور تي معطل ڪندو ته هڙتال جو سڏ واپس وٺنداسين. وزيراعظم آفيس ۽ ناڻي واري وزارت سان ڳالهين جي لاءِ لاڳيتو فون اچي رهيا آهن پر ناڻي وارو وزير ڪراچي پهچڻ باوجود اسان سان ملاقات نه پيو ڪري. جاويد بلواني چيو ته اڄ اسان هنگامي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو آهي ته اسان حڪومت سان ڳالهيون ڪنداسين پر اسان جي شرط اها آهي ته اسان جي مطالبن کي عارضي طور تي معطلي ۾ وڌو وڃي، هڙتال جو سڏ انهي صورت ۾ واپس وٺي سگهون ٿا. صدر ڪراچي چيمبر ٻڌايو ته ٽرانسپورٽرز چيو آهي ته هڙتال جو اعلان اڳيان وڌندو تڏهن به اسان گڏ بيٺل هونداسين.