ڊي جي خان: انتظاميا کي لورالائي ۾ مارجي ويل 9 مسافرن جا لاش ملي ويا آهن.ڪمشنر ڊي جي خان اشفاق احمد موجب، 9 فوتين جا لاش بلوچستان-پنجاب سرحد تي مليا آهن، جتي لاش باواٽا جي سرحدي علائقي تي پوليٽيڪل اسسٽنٽ اسد چانڊيا وصول ڪيا، جنهن کان پوءِ لاشن کي انهن جي آبائي علائقن ڏانهن موڪليو ويو آهي.انتظاميا موجب، مارجي ويل سڀئي 9 مسافر پنجاب جي مختلف علائقن سان تعلق رکن ٿا.انتظاميا چيو ته 2 ڀائر جابر ۽ عثمان جو تعلق لوڌران جي دنياپور تحصيل سان هو، محمد عرفان جو تعلق ڊي جي خان سان هو، صابر جو تعلق گوجرانوالا، محمد آصف جو مظفر ڳڙهه ۽ غلام سعيد جو خانيوال سان هو. ان کان علاوه، محمد جنيد جو تعلق لاهور، محمد بلال جو اٽڪ ۽ بلاول جو گجرات سان هو.