ڪراچي : ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ عمارت ڪِرڻ واري واقعي جي سلسلي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، بلدياتي کاتي جي شڪايت تي عمارت ڪِرڻ واري واقعي جي سلسلي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس چيو ته ڪيس ۾ ايس بي سي اي جي اعليٰ آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڇاپو هڻي 6 آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سادن ڪپڙن وارن اهلڪارن ڇاپو هڻي انهن کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو آهي. گرفتار ڪيلن ۾ 4 ڊائريڪٽر هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) جي آفيسرن خلاف هڪ وڏي ڪارروائي ڪئي آهي. پوليس جي هڪ وڏي نفري ڇاپو هنيو ۽ SBCA جي 6 آفيسرن کي گرفتار ڪيو. ڇاپي دوران سنڌ جي وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم پڻ موجود هئي. گرفتار ڊائريڪٽرن ۾ عرفان نقوي، جليس صديقي، اشفاق کوکر، فهيم صديقي ۽ تازو رٽائر ٿيل آصف رضوي شامل آهن.