اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خميس ڏينهن صدر آصف علي زرداري کان استعيفيٰ وٺڻ بابت افواهن کي سختي سان رد ڪندي ان کي ”بدنيتيءَ تي ٻڌل مهم“ قرار ڏنو آهي. نقوي سوشل ميڊيا پليٽفارم X تي لکيو ته: ”اسان کي مڪمل ڄاڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف خلاف هلندڙ بدنيتيءَ واري مهم جي پٺيان ڪير آهي.“ هن واضع لفظن ۾ چيو ته ”نه ته اهڙي ڪا ڳالهه ٿي آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو تصور موجود آهي ته صدر کان استعيفيٰ وٺڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي يا آرمي چيف کي صدر بڻائڻ جو ارادو آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”پاڪستان جو صدر فوجي قيادت سان مضبوط ۽ عزت ڀريو لاڳاپو رکي ٿو.“ نقوي صدر زرداري جو حوالو ڏيندي چيو ته هن واضح طور چيو آهي: ”مان چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو ته اهي ڪوڙا افواهه ڪير پکيڙي رهيا آهن، ڇو پکيڙي رهيا آهن، ۽ ان پروپيگنڊا مان فائدو ڪير وٺي رهيو آهي.“ نقوي زور ڏئي چيو ته آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جو ”واحد ڌيان“ پاڪستان جي مضبوطي ۽ استحڪام تي آهي، ۽ ”ٻيو ڪجهه به نه“. هن وڌيڪ چيو ته: ”جيڪي ماڻهو هن بي بنياد بيانيي ۾ شامل آهن، سي جيڪو ڪرڻ چاهين ٿا، دشمن پرڏيهي ايجنسين سان ملي ڪري ڪن. پر اسان، انشاءَ الله، پاڪستان کي ٻيهر مضبوط بڻائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ضروري آهي، اهو ڪنداسين.“ گذريل ڪجهه سالن دوران سوشل ميڊيا تي فوج خلاف مهم ۾ واڌ آئي آهي، جيڪا ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ڍانچي جي اندر وڌندڙ تڪرار کي ظاهر ڪري ٿي. حڪومت ۽ فوج ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ”جعلي خبرون ۽ پروپيگنڊا“ وڌي رهيون آهن، جڏهن ته فوجي ترجمان احمد شريف چوهدري چيو ته موجوده قانونن تحت ”ڊجيٽل دهشتگردي“ خلاف ڪافي قدم ناهن کنيا ويا. مئي 2024ع ۾ صدر زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران ”دانشمندانه قيادت ۽ غيرمعمولي حڪمت عملي“ تي فيلڊ مارشل جو عهدو ڏنو. ان کانپوءِ آرمي چيف پاران ڪرايل هڪ دعوت ۾ فيلڊ مارشل منير، سياسي قيادت جي ”اسٽريٽجڪ اڳڪٿي“ جي تعريف ڪئي، جيڪا هنن ”معرڪه حق“ دوران ڪئي هئي.اڳتي هلي، وزير دفاع خواجه آصف، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف جي جماعت مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکي ٿو، ملڪ ۾ ”موجوده هائبرڊ حڪمراني واري ماڊل“ جي ساراهه ڪئي. هڪ ٻي انٽرويو ۾ هن ان نظام کي پاڪستان لاءِ ”عملي ضرورت“ قرار ڏنو ۽ چيو ته هي نظام ”شاندار ڪم ڪري رهيو آهي“. مئي 2024ع ۾ ئي آرمي چيف ۽ صدر زرداري هڪ سياسي پارٽي ۽ ان جي چند ماڻهن پاران فوج تي سياسي مفادن لاءِ هنيل ”بي بنياد ۽ بي ثبوت الزامن“ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو.