190 ملين پائونڊ ڪيس، خان ۽ بشريٰ پاران جلد ڪيس مقرري جي درخواست

اسلام آباد : پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون. درخواست ۾ درخواست ڪئي وئي ته عدالت سزا معطلي جي ٻنهي درخواستن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب ڪيس کي لٽڪائڻ لاءِ بار بار التوا جي درخواست ڪري رهيو آهي، يقين ڏيارين جي باوجود سزا معطلي جي درخواستن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ڪيو ويو آهي.درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بئريسٽر سلمان صفدر جي ذريعي داخل ڪئي وئي آهي.

190 million pound case