وزيراعظم ٽرمپ کي نوبل انعام ڏيڻ جي سفارش واپس وٺي: لياقت بلوچ

لاھور: جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل انعام ڏيڻ جي سفارش واپس وٺڻ گهرجي.هڪ بيان ۾ جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته آمريڪا يهودين ۽ هندن جو دوست آهي.هن چيو ته آمريڪي معيشت جنگين جي لٽ مار ۽ هٿيارن جي وڪري تي هلندي آهي. لياقت بلوچ چيو ته پاڪستان جي حڪومت کي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ بندي جو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي، پر عدم توازن جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته اسلامي دنيا کي امت جي تحفظ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي.