ايران تي آمريڪي حملي کانپوءِ ڳڻتيءَ ۾ آهيان: انتونيو گوتريس

نيو يارڪ : گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايراني جوهري ٿاڪن تي آمريڪي حملن جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ اهو تڪرار تيزي سان بي قابو ٿي سگهي ٿو.
ايڪس تي پنهنجي ردعمل ۾ گوتريس آمريڪا جا تازا فضائي حملا ڳڻتيءَ جوڳا قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ اهو تڪرار تيزي سان قابو کان ٻاهر ٿي سگهي ٿو، جنهن جا عام شهرين، خطي ۽ دنيا تي خطرناڪ اثر پوندا.
هن چيو ته مان ايران خلاف اڄ آمريڪا طرفان طاقت جي استعمال تي سخت ڳڻتي ۾ آهيان، اهو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڌي ريت خطرو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان گڏيل قومن جي رڪن ملڪن کي اپيل ٿو ڪيان ته ڇڪتائڻ گهٽائين ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ٻين عالمي قانونن تحت پنهنجون ذميواريون نڀائين، ان مسئلي جو ڪو فوجي حل نه پر اڳتي وڌڻ جو واحد رستو سفارتڪاري آهي ۽ واحد اميد امن آهي.