پاور ڊويزن محرم الحرام دوران بجلي جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

لاهور: پاور ڊويزن بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين کي هدايت ڪئي آهي ته اهي  محرم الحرام جي دوران امڪاني سخت گرمي  کي نظر ۾ رکندي بنا ڪنهن رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کڻي.

توانائي بابت وفاقي وزير اويس لغاري بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين(ڊسڪوز) جي آفيسرن کي خط ۾ چيو آهي ته محرم الحرام جو مقدس مهينو جولاءِ ۾ اچي رهيو آهي انهي دوران سخت گرمي پوڻ جو امڪان آهي، انهي لاءِ ضروري آهي ته سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام کي سهولت ڏئي سگهجي ۽ مذهبي اجتماعن جي دوران ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي.

هن ڊسڪوز کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي بجلي جي فراهمي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهي علائقا جتي مجلسون ۽ جلوس ٿيڻ جو امڪان آهي اتي ٽرانسميشن ڊسٽري بيوشن نيٽ ورڪ جي مڪمل طور تي جانچ پڙتال ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته خراب اوزارن جي فوري مرمت کي يقيني بنايو وڃي ۽ هنگامي  ٽيمن کي پوري مهيني خاص طور تي 9 ۽ 10 محرم(يوم عاشوره) تي هاءِ الرٽ رکيو وڃي.

اويس لغاري چيو ته حساس هنڌن تي اسٽينڊ باءِ جنريٽرز ۽ يو پي ايس سسٽم جي دستيابي يقيني بنائي وڃي ته جيئن ڪنهن به غير امڪاني گرڊ مسئلي جي صورت ۾ بجلي فراهم ڪري سگهجي.

هر سب ڊويزن ۾ مناسب تعداد ۾ ٽرانسفارمرز ۽ ٻئي ضروري مواد جي دستيابي يقيني بنائي وڃي ۽ انهي حوالي سان انوينٽري اپ ڊيٽ ڪئي وڃي، مقامي انتظاميه ۽ عوام سان رابطه هم آهنگي کي يقيني بنايو وڃي.

خط جي آخر ۾ چيو ويو ته محرم الحرام جو تقدس اسان کان گهر ڪري ٿو ته اسان عوام جي خدمت ۾ پوري محنت ۽ احترام سان ڪم ڪريون انهي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي سنجيدگي سان ورتو ويندو. هوڏانهن محرم الحرام جي دوران راولپنڊي ۾ امن امان قائم رکڻ جي لاءِ پاڪستان آرمي جون پنج ۽ رينجرز جون ڇهه ڪمپنيون مقرر ڪيون وينديون ته جيئن انتظاميه ۽ پوليس جي مدد ڪري سگهجي. راولپنڊي ڊويزن ۾ محرم الحرام جي دوران 4374 مجلسون ۽ 1003 جلوس منعقد ڪرڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

خيبرپختونخواهه جي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ذوالفقار حامد هن هفتي جي شروعات ۾ چيو هو ته موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پرامن محرم منعقد ڪرڻ اسان جي فورس لاءِ هڪ وڏو چيلينج آهي