آئيني بينچ ۾ واڌ جي معاملي تي جسٽس منصور جو خط سامهون اچي ويو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ واڌ جي معاملي تي سينئر ترين جج جسٽس منصور جو خط سامهون اچي ويو آهي.

جسٽس منصور طرفان اهو خط 19 جون جي اجلاس کان اڳ لکيو ويو هو جنهن ۾ هن آئيني بينچ ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي جڏهن ته انهي جو خط جوڊيشل ڪميشڻ ميمبرن کي پهچايو ويو.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 26هين ترميم جي ڪيس ۾ فيصلي تائين واڌ نه ڪئي وڃي. اڳواٽ ٻڌايو ويو هو ته 19 جون جي اجلاس لاءِ پاڪستان ۾ دستياب نه آهي، اميد هئي، عدم دستيابي تي اجلاس ملتوي ڪيو وڃي. ڇو ته ماضي ۾ ايگزيڪٽو ميمبرن جي غير موجودگي تي اجلاس ملتوي ٿي چڪو آهي. عدليه ميمبر اقليت ۾ آهن، انهي لاءِ شايد ملتوي نه ڪري سگهياسين.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 26هين ترميم فيصلي کان اڳ واڌ  انهي بحران کي وڌيڪ گهرو ڪندي، اهو تڪرار اداري جي ساک ۽ انهي تي عوامي اعتبار کي تباهه ڪري رهيو آهي. خط موجب 26هين ترميم جي فيصلي تائين سمورن ججز کي آئيني بينچ ڊڪليئر ڪيو وڃي ۽ آئيني بينچ ۾ شموليت جو معيار ۽ پيمانو به طئي ڪيو وڃي.

Letter of justice mansoor ali has been revealed