شاهين، حارث،رضوان، حسن ۽ شاداب بي بي ايل جو حصو بڻجي ويا

لاهور : پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي، حارث رئوف، محمد رضوان، حسن علي ۽ شاداب خان به بگ بيش ليگ (بي بي ايل) جو حصو بڻجي ويا. شاهين آفريدي، محمد رضوان، حارث رئوف ۽ شاداب خان کي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ چونڊيو ويو آهي. فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي برسبين هيٽ پاران چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته حارث رئوف هڪ ڀيرو ٻيهر ميلبورن اسٽارز لاءِ کيڏندو.محمد رضوان ميلبورن رينيگيڊس لاءِ کيڏندو، جڏهن ته پاڪستان جي شاداب خان کي سڊني ٿنڊر پاران ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.ان کان علاوه، فاسٽ بالر حسن علي ايڊيليڊ اسٽرائڪرز لاءِ بي بي ايل کيڏندو ۽ پاڪستان جي حسن خان کي ميلبورن رينيگيڊس پاران چونڊيو ويو آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا جي بگ بيش ليگ (بي بي ايل) سان معاهدو ڪيو هو.ذريعن موجب، سڊني سڪسرز بابر اعظم کي بنيادي قيمت کان وڌيڪ پگهار جي آڇ ڪندي اڳواٽ سائن ڪيو هو. بابر اعظم بگ بيش ليگ لاءِ سڊني سڪسرز سان لڳ ڀڳ 100 ملين رپين جو معاهدو ڪيو هو.سڊني سڪسرز بابر اعظم کي پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ چونڊيو. پلاٽينم ڪيٽيگري جي بنيادي قيمت لڳ ڀڳ 85 ملين رپيا آهي.

HarisRizwanShaheen