تهران : ڏينهن جو تهران تي اسرائيل جي حملن کان پوءِ ايران اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن جو مينهن وسائي ڇڏيو جنهن ۾ ڇهه اسرائيلي زخمي ٿيا ۽ اطلاع آهن ته ڪيترن ئي عمارتن کي نقصان پهتو، جيئن ئي ايران جا ميزائل پهتا، تل ابيب، حيفا ۽ اسرائيل جي ٻين شهرن ۾ سائرن وڄايا ويا، ۽ شهرين کي هدايت ڪئي وئي ته اهي پناهه گاهه ۾ وڃن ۽ ايندڙ اطلاع تائين ٻاهر نه نڪرن،اسرائيل پنهنجا سڀئي هوائي اڏا ۽ هوائي حدون مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيون آهن.ٽائمز آف اسرائيل جي مطابق، ايراني بيلسٽڪ ميزائلن جي اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مارجڻ جي رپورٽن کان پوءِ هنگامي خدمتون موڪليا ويا آهن.تازين حملن ۾ ڏکڻ اسرائيل ۾ 4 شهري زخمي ٿيا آهن، ۽ حيفا ۾ باهه لڳي وئي آهي، جتي 2 شهري پڻ زخمي ٿيا آهن، اتر اسرائيل ۾ نقصان جي رپورٽون آهن.يروشلم پوسٽ جي مطابق، ‘زڪا’ رپورٽ ڪئي ته هڪ ميزائل سڌو سنئون اتر اسرائيل ۾ هڪ عمارت تي لڳو، جتي ٽيمون موڪلي رهيون آهن.عرب ميڊيا موجب، ايراني هائپرسونڪ ميزائل حملي ۾ اسرائيل ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، هزارين ماڻهو زمين هيٺ لهي ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل ۾ خوف آهي.