احمد آباد: سرڪاري هوائي ڪمپني ايئر انڊيا جو هڪ مسافر جهاز هندستاني شهر احمد آباد ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب گجرات جي شهر احمد آباد ۾ هوائي اڏي ويجهو ايئر انڊيا جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 240 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جن ۾ 12 عملي جا ميمبر به شامل هئا. حادثي جو شڪار جهاز ۾ گجرات جو اڳوڻو وڏو وزير روپاني به سوار هو، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب حادثي جو شڪار ٿيل جهاز ۾ 169 ڀارتي شهري، 53 برطانوي شهري، هڪ ڪينيڊين ۽ 7 پرتگالي شهري سوار هئا، جن ۾ 11 ٻار به شامل هئا، رپورٽن موجب، ايئر انڊيا جو جهاز احمد آباد ايئرپورٽ کان لنڊن وڃي رهيو هو جڏهن اڏامڻ کان ڪجهه سيڪنڊن بعد ئي ڪري تباهه ٿي ويو.ايئر انڊيا جي پرواز AI 171، احمد آباد ايئرپورٽ تان اڏامندي، 322 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامڻ جي قابل هئي، صرف 625 فوٽ جي اوچائي تي پهتي، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته جهاز هڪ رهائشي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو ۽ حادثي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.جهاز حادثي کان پوءِ حادثي واري هنڌ جون وڊيوز پڻ سامهون آيون آهن، جن ۾ دونھون اُڀرندي ڏسي سگهجي ٿو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب حادثو ڀارتي وقت مطابق رات جو 1 کان 2 وڳي جي وچ ۾ پيش آيو، حادثي کان پوءِ احمد آباد ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو آهي. فلائيٽ ريڊار موجب، جهاز سان رابطو ٽيڪ آف کان هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ۾ 625 فوٽ جي اوچائي تي ڪٽجي ويو. هندستاني ڊي جي سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته جهاز جي ڪريش ٿيڻ کان اڳ ڪپتان صبح جو 1:39 تي مئي ڊي ڪال ڪئي. ميڊيا رپورٽن ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته ڪري تباهه ٿيل بوئنگ 787 جهاز 11 سال پراڻو هو.