”فيڊر بند ڪري اُوڳاڙي ڪرڻ اخلاقي آهي نه قانوني“ڪراچي ۾ ڊگهي لوڊ شيڊنگ جو نيپرا نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ وارين شڪايتن تي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي خط لکي چيو آهي ته نيپرا کي ڪراچي ۾ ڊگهي لوڊ شيڊنگ بابت وڏي انگ ۾ شڪايتون مليون آهن، ڪيترن علائقن ۾ ته بجلي جي بندش 12 ڪلاڪن کان به وڌي وئي آهي، جڏهن ته لوڊ شيڊنگ جون انفرادي شڪايتون اڍائي کان 3 ڪلاڪن جي بندش جون به رپورٽ ٿيون ٿيون، نيپرا موجب، سخت گرمي جي لهر ۾ ڊگھي لوڊ شيڊنگ شهرين لاءِ مشڪل بڻجي وئي آهي ۽ لوڊ شيڊنگ ڪاروباري سرگرمين ۽ معيشت تي به ناڪاري اثر وجهي رهي آهي.