اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ معمولي تبديلي جو امڪان آهي، صنعت ۽ سرڪاري ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ 15 ڏينهن تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، جڏهن ته مٽي ۽ هلڪو ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي. ٻئي طرف قيمتون برقرار رکڻ جو قوي امڪان آهي، ذريعن وڌيڪ چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 0.60 رپيا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 0.28 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.