ڪراچي : پاڪستاني اداڪاره ماهرا خان نه صرف پاڪستاني ڊرامن ۽ فلمن ذريعي مقبوليت حاصل ڪئي پر هوءَ بالي ووڊ فلم ’رئيس‘ ۾ به پنهنجي اداڪاري سان ڀارتين جي دلين ۾ گهر ڪري ويئي هئي، پر تازو پاڪ –ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ هندو انتهاپسندن جي دٻاءُ ۾ اچي پاڪستاني فنڪارن جا فلمي پوسٽرن ۽ ميوزڪ المبن مان نالا هٽا ويا ويا آهن، جنهن تي اداڪارا طرفان ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار دوران ڪيترن ئي پاڪستاني فنڪارن کي ڀارتي فلمي پروجيڪٽس مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. اهڙي ريت ماهرا خان جو نالو به فلم ’رئيس‘ جي پوسٽرن ۽ ميڊيا مواد مان هٽايو ويو.
ماهرا خان پهريون ڀيرو هڪ انٽرويوءَ ۾ هن واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ”منهنجي تصوير هٽائڻ تي مون کي هڪ سيڪنڊ لاءِ به برو محسوس نه ٿيو، مان ته رڳو کلندي رهيس، اهڙي حرڪت مون لاءِ بي معنيٰ هئي. مون تي ڪوبه فرق نه پيو.“
اداڪاره وڌيڪ چيو ته ” اهڙيون ننڍيون ۽ چريائپ واريون حرڪتون منهنجي لاءِ اهميت نٿيون رکن، مان خوش آهيان ته مان پنهنجي ڪم ذريعي سرحدن جي ٻنهي پار فن سان محبت ڪندڙن جون دليون کٽي رهي آهيان.“