ڀارت دهشتگردي بند ڪري نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون شروع ڪري: پاڪستان

نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير صائمه سليم ڀارت کي چيو آهي ته اهو رياستي دهشتگردي بند ڪري نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جي شروعات ڪري.

سلامتي ڪونسل ۾ کليل مباحتي دوران صائمه سليم چيو ته هندستان هڪ دفعو ٻيهر گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جو سهارو وٺي ڇڏيو آهي، ڀارت طرفان گهمايل ڦرايل حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي. صائمه سليم ٻين لفظن ۾ چيو ته هندستان والاريل ڪشمير ۾ شهرين کي قتل ۽ زخمي ڪندو آهي، پاڪستانين تي حملا ڪري شهرين کي نشانو بنائيندو رهيو آهي.

ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جو قتل ۽ آمريڪا ۾ سک اڳواڻ گرپتونت سنگهه جي قتل جي سازش طرف اشارو ڪندي صائمه سليم سلامتي ڪونسل کي ياد ڏياريو ته هندستان نه صرف پاڪستان پر سموري دنيا ۾ دهشتگردي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي.  صائمه سليم چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي پهلگام واقعي جي مذمت ڪئي، جيڪڏهن هندستان وٽ لڪائڻ جي لاءِ ڪجهه نه هو ته انهي کي گهرجي ته هو انهي واقعي جي اڻڌري، معتبر ۽ آزادانه جاچ تي راضي ٿئي ها.

پهلگام واقعي کان پوءِ مودي سرڪار طرفان سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور تي معطل ڪرڻ کي حدف بنائيندي صائمه سليم چيو ته هندستان دريائن جي وهڪرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪو پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي لاءِ زندگي جي نشاني آهي. پاڻي زندگي آهي جنگ جو هٿيار ناهي.

صائمه سليم ميمبرن کي ياد ڏياريو ته 6 کان 19 مئي جي دوران هندستان پاڪستان جي خلاف کليل جارحيت جي چونڊ ڪئي ۽ چڙ ڏياريندڙ حملا ڪري معصوم شهرين کي نشانو بنايو، اهڙن حملن ۾ 40 شهري شهيد ٿيا جن ۾ 7 عورتون ۽ 15 ٻار شامل آهن جڏهن ته 121 ڄڻا زخمي ٿيا. جن ۾ 10 عورتون ۽ 27 ٻار شامل آهن.

سلامتي ڪونسل مباحثي ۾ صائمه سليم چيو ته جيڪڏهن هندستان واقعي امن، سلامتي ۽ سٺي پاڙيسري جي اصولن تي ڪاربند آهي ڀارت کي گهرجي ته هو رياستي دهشتگردي بند ڪري، ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ستم جو سلسلو ختم ڪري، عالمي قانون، گڏيل قومن جي منشور ۽ ٻطرفي معاهدن جي پاسداري ڪري ۽ جمون ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون شروع ڪري، جيئن سلامتي ڪونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب آهي.