لنڊن : روس ۽ يوڪرين وڏي پيماني تي قيدين جو تبادلو ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب، 2022 جي حملي کان پوءِ روس ۽ يوڪرين ۾ وڏي پيماني تي قيدين جو تبادلو ٿيو، ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته روس ۽ يوڪرين 390 سپاهين ۽ عام ماڻهن کي هڪ ٻئي جي حوالي ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب، ٻنهي ملڪن 1,000 قيدين جي تبادلي تي اتفاق ڪيو هو، ۽ ڌرين تصديق ڪئي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ قيدي حوالي ڪيا ويندا.