صدر آصف زرداري سان آءِ ايم وفد جي ملاقات، پاڪستان جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد:  صدر آصف علي زرداري سان جهاد اظهور جي اڳواڻي ۾ عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

صدر آصف زرداري ۽ آءِ ايم ايف وفد وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ جاري آءِ ايم ايف پروگرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

انهي موقعي تي صدر آصف علي زرداري پاڪستان سان تعاون ڪرڻ تي عالمي مالياتي اداري جو ٿورو ادا ڪيو ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ ان جي ٽيم جي قدمن جي تعريف ڪئي.

صدر آصف علي زرداري چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان ۾ معاشي استحڪام آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. انهي پروگرام سان ملڪ ۾ معاشي ترقي کي هٿي ملندي.

صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ آءِ ايم ايف جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف ترقي يافته ملڪن جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

انهي دوران آءِ ايم ايف وفد پاڪستان ۾ معاشي اصلاحات ۽ عالمي مالياتي اداري جي پروگرام تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام صحيح رستي تي گامزن آهي. وفد چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان پاڪستان ۾ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۽ مالياتي خساري ۾  استحڪام آڻڻ ۾ مدد ملي آهي.

President Asif Zardari met with the IM delegation