لاهور: بنگلاديش جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا ويندا ٽئي ميچ لاهور ۾ کيڏيا ويندا، ميچز جي شيڊول جو اعلان مقرر وقت تي ڪيو ويندو.
بنگلاديش جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت سلمان علي آغا ڪندو. اسڪواڊ جي ٻين رانديگرن ۾ شاداب خان(نائب ڪپتان) ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، حارث رئوف، حسن علي، حسن نواز، حسين طلعت، محمد عرفان خان، خوشدل شاهه، محمد حارث(وڪيٽ ڪيپر) محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان(وڪيٽ ڪيپر) ۽ صائم ايوب شامل آهن.
عبدالصمد، جهانداد خان، عباس آفريدي، فاسٽ بالر شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ جڳهه نه ٺاهي سگهيا. انهي کان اڳ شاهين آفريدي نيوزيلينڊ جي دوري ۾ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو هو. محمد علي، عمير بن يوسف، سفيان مقيم ۽ عثمان خان به ٽيم مان ڊراپ ڪيا ويا.